بدين: ٻهراڙي صحت مرڪز  علي بخش شاهه ۾ ڇتي ڪتي جي ڏاڙهڻ واري وئڪيسن جي اڻهوند

عوامي آواز رپورٽ
بدين: ٻهراڙي صحت مرڪز علي بخش شاهه ۾ ڇتي ڪتي جي ڏاڙهڻ واري وئڪيسن جي اڻهوند
عوامي آواز رپورٽ بدين: ٻهراڙي صحت مرڪز علي بخش شاهه ۾ ڇتي ڪتي جي ڏاڙهڻ واري وئڪيسن جي اڻهوند

 

بدين ڀرسان پي پي ايڇ آءِ جي نگراني هيٺ هلندڙ ٻهراڙي صحت مرڪز  علي بخش شاهه ۾ ڇتي ڪتي جي ڏاڙهڻ واري وئڪيسن نه هئڻ خلاف متاثرن پاران احتجاج ڪيو ويو.

پورھيت محمد رحيم قمبراڻي چيو ته سندس پٽ رمضان کي ڇتو ڪتو ڏاڙهي ويو، جنهن کي وئڪيس لاءِ بنيادي صحت مرڪز تي آندو جتي ڊاڪٽر 3 ڪلاڪ ويهارڻ بعد نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي کين موٽائي ڇڏيو.

هن چيو ته انتظاميا جي لاپرواهي سبب پٽ کي ڳڻتي واري حالت ۾ کڻائي انڊس اسپتال ۾ وئڪسين ڪرائي آهي.

هن الزام هڻندي چيو ته ٻهراڙي صحت مرڪز ۾ وئڪسين موجود هئڻ باوجود غريب ماڻهن لاءِ استعمال نه پيون ڪيون وڃن جيڪو سراسر ناانصافي آهي.

هن گهر ڪئي ته صحت مرڪز جي انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري عوام کي طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن

You might also like