بجلي هڪ رپيو 78 پئسا في يونٽ مهانگي، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (م ڊ ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي بجلي هڪ رپيو 78 پئسا مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نيپرا جولاءِ جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾في يونٽ بجلي هڪ رپيو 78 پئسا مهانگي ڪرڻ جڏهن ته جون جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾13 پئسا سستي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب في يونٽ ۾ڪيل هڪ رپيو 78 پئسن جي واڌ آڪٽوبر جي بجلي بلن ۾وصول ڪئي ويندي. بجلي قيمتن ۾واڌ سان صارفن تي 24 ارب 60 ڪروڙ رپين جو اضافي ٻوجهه پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.