اھڙو منھنجو ٿر آـ ـ ـ ـ !

الطاف ابڙو

سنڌ ۾ ٿيل تازي مينھن جي  وسڪارن جيڪو سنڌ جي شھرن کي  نقصان پھچايو آھي  اتي وري  ٿر جي وڃايل سونھن ۽ سيواريل وجود کي  وري واپس  موٽايو  آھي ـ  مسلسل برساتن پوري ٿر جي مٽي کي ساوڪ سان ڍڪي ڇڏيو آھي تنھن ڪري سنڌ توڙي پاڪستان جي ماڻھن  ٿر طرف اچڻ  جو رک ڪيو آھي جنھن جي مرڪزي منزل ڪارونجھر آھي  ـ

جتي ھينئر  دل ڪش منظر ۽ حقيقي سونھن ڏسڻ وٺان آھي اسان  بھ پاڪستان جي  حسين واڌين جي فتري سونھن کي ڏسڻ کانپوء ھر سال آگسٽ واري مھيني ۾ سکر خيرپور جا ڪاليجز جا  پروفيسرز ٿر ڏانھن  رک ضرور ڪندا آھيون خيرپور کان نڪرندي نوابشاھ واري رستي سان سانگھڙ جي تاريخي گڙنگ بنگلي کي ڏسندا جتان ماضي ۾  سورھ بادشاھ کي گرفتار ڪيو ويو ھوـ

  ميرپورخاص کان ٿيندا ھندن جي امر ڪوٽ ۽ مسلمانن جي عمر ڪوٽ اچي رات ڌارن  پھتاسين ـ عمر ڪوٽ جو نالو تاريخ ۾ عمر ماروي جي لوڪ ڪھاڻي ۽ عظيم مغل اڪبر بادشاھ جي ڄمڻ جي ھنڌ جي ڪري مشھور آھي ـ

 اڪبر اعظم سان تعلق جي ڪري ھن جاء کي دور اڪبري جي يادگار قرار ڏنو آھي ـ ۽ اھي شيون جيڪي ھن دؤر سان تعلق رکن ٿيون ھتي نمائس لاء عجائب گھر ۾ رکيون ويون آھن ـ ھتي عجائب گھر 1968ع ۾ تعمير ڪيو ويو ھو ۽ ھن موجود عمارت ۾ ھي عجائب گھر 2006ع ۾ قائم ڪيو ويو آھي جنھن ۾ مخطوطات ـ ھٿيار ـ سڪا ـ خطاطي جا نمونا ـ شاھي دستاويزات اھڙو ٿرپارڪر مان مليل جين ۽ ھندو مذھب جا مجسما ـ ٿرپارڪر جا زيورات ۽ تصويرون نمائش لاء رکيون ويون آھن .

جيڪي مغليا دور ۽ خاص ڪري گذريل دڳر اڪبر اعظم جي داستان جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿيون ۽ مقامي ثقافت جي پڻ جھلڪ پيش ڪن ٿيون ـ جتي پروفيسر جادم مڱريو اسان لاء  عمر ڪوٽ  جي مقامي ھوٽل تي انتظام  ڪيو ھو ـ جتي  رات جي ماني کائڻ کان بعد آرام ڪيو سين  ـ صبح سان اسان تاريخي قلعو  امر ڪوٽ /عمرڪوٽ  ڏٺوسين  جتي ڪافي تعداد ۾ مرد ۽ عورتون موجود ھيون  جيڪي معصوم ۽ اداسي اکين سان عجائب گھر ۾ رکيل تلوارون ـ بندوقون ـ خنجر ـ بالا ، نٿ ،ڪڙو ، ٽڪو ـ ،پٿر جو مورتيون ،ٿري لباس ـ گج ـ ڀرٿ ۽ مختلف خيالي تصويرون  ڏسي قلعي جي ڪوٽ اندر موجود ماڻھن جون   نظرون ڄڻ  مارئي کي ڳولھن پيون  گھڻي رڇ ۾ گرمي به ٿئي پئي ـ

 اسان ٿرپارڪر  جي ڇاڇري شھر  ۾ چانھ پي  اسلام ڪوٽ لاء  نڪتاسين جتي اسان ٿرڪول گھمڻ لاء فون ڪال تي دوستن کان اجازت وٺي ڪري ٿرڪول وارو پراجيڪٽ سنڌ اينگرو ڪول ملنگ ڪمپني  (  SECMC ) مڪمل ڏٺو ـ جتي اسين ڪوئلو ڪيئن  ٿو نڪري  ،ڪيئن  ٿو گاڏين تي کڄي ، ڪيئن ٿي ڪوئلي جي پيسائي ٿئي ڪيئن ٿو ان ڪوئلي کي صفائي سان صاف ڪري ان کي بجلي پيدا ڪرڻ واري پراسس ۾ آنڌو وڃي ـ

 آخر ۾ جڏھن 360 ميگا واٽ   بجلي ٺھي ڪري گرڊ اسٽيشن ۾ ڏئي ڪري مٽياري واري لائين سان ملائي ڪري نيشنل لائين  ۾ وفاق ڏانھن موڪلي وڃي ٿي جيڪا فيصل آباد شھر کي ڏني وڃي ٿي ـ

مون ان ڪوئلي مان بجلي تيار ڪرڻ واري پراجيڪٽ ۾ گھڻي ڀاڱي چائنيز  مردن جوانن ۽ عورتن کي ڏٺو مون کي افسوس ٿيو ت ٿر جي مقامي ماڻھن جو انگ ڇو ڪو ن آھي ؟

ھي به ڏسي سگھو ٿا: ملڪ ٺاهڻ ۾ سنڌ اهم ڪردار ادا ڪيو: آرمي چيف

 اھان سنڌ جي خاص ڪري ٿرين سان ناانصافي آھي ـ اسان اتي موجود پارڪ پڻ گھميو جنھن ۾ ٻارن جا جھولا ،  جانورن ،  پکي ۽ ٻوٽن جي نرسري جنھن جي ھر ھڪ ٻوٽي کي پائيپ لائين هئي جنھن جي رستي ان ٻوٽي کي پاڻي ڏنو پيو وڃي ـ  اسان پراجيڪٽ ڏسي ڪري مٺي شھر ڏانھن رسياسين  جتي اسان جو انتظار پروفيسر برکو مل ڪري رھيو ھو جنھن پنھنجي گھر ۾ اسان جي رات جي ماني جو بندوبست ڪيو ھو ـ ماني کائڻ  کان بعد مٺي جي گڍي ڀٽ تي وياسين جنھن جي منظر دل کي موھي وڌو ڄڻ اسان پاڻ کي آمريڪا جي ڪنھن شھر ۾ موجود سمجھون پيا  ـ

 گڍي ڀٽ تان لھي ڪري اسان ان پروفيسر جي گھر آياسين ته  اتي پروفيسر برکو اتان جي مقامي راڳي کي محفل لاء  چيو ھو جنھن رات جي پوئين پهر  تائين صادق فقير جي من موھندڙ آواز جيان پنھنجي سريلي آواز سان اسان سڀني کي موھي وڌو ھو ـ

صبح ٿيڻ سان اسان ننگرپارڪ طرف آياسين نتي رستي ۾ گوڙي منڌر ـ ڀالوا مارئي جو کوھ تي وياسين جتي ڪافي انگ ۾ ماڻھون ھجن  محسوسائين پيو ٿئي ڄڻ مارئي کي عمر سومرو واپس ڀالوا آندو ھجي ۽ ماڻھن ۾ خوشي ھجي ـ رستي ۾ مون مال سان گڏ ڌنارن جي جي ھٿن ۾ ھڪ سنڌي سليٽ جيتري سولر پليٽ هئي جنھن مان ھو پنھنجي موبائيل  فون کي چارج ڪري راھا ھيا ۽ ايم پي ٿري ۾ راڳ پڻ ٻڌن پيا ـ

 آخري منزل اسان جي ڪارونجھر ۽ ڪاسبو هئي ـ ڪارونجهر جبل، ڀوڏيسر جي مسجد،  ڪاسبي ۾  راما پير جو مندر جيڪو تمام قديمي مندر آهي جتي سيپٽمبر جي 21 تاريخ تي سالانا وڏو ميلو لڳندو آهي. ان ميلي سنڌ سميت سموري ملڪ کان هزارين تعداد ۾ ديوان، ڪولهي، ماڙيچا، اوڏ مينگهواڙ، لٻاري شرڪت ڪندا آهن مندر ۾ سون جي تعداد ۾ مور، طوطا، ڪبوترن سميت ٻيا پکي ٻوليون ٻولي رهيا هئا. مندر تي محفل جڙيل هئي جتي اتان جي روايتي گانن تي موجود استاد جهومي پيا. ڪاسبي کان ٿيندي ڪارونجهر جبل تي ڪجهه دوست چڙهي ويا ته ڪجهه دوست ڪارونجهر جبل جي هيٺائين تي ويهي رهيا.  ڪارونجهر جبل تي هلڪي بارش ۽ جهڙن جي گجگوڙ ۽ ھلڪي ھلڪي بارش  دل کي موهي وڌو ھو . حيدر آباد  گهمڻ بعد ٻئي ڏينهن واپس  پنهجن علائقن ڏانهن روانا ٿيا سين ڪجهه حسين يادگار ياديون دلين ۾ سمائي هميشه لاءِ اکين ۾ خوشين جا لمحا سجائي واپس ٿيا سين. سنڌ اسان جي سونه آهي سنڌ اسان جي سڃاڻ حسين فضائن ۽ نظارن جو مرڪز آهي اسان جو هي سفر هميشه حسين يادين ۾ ياد رهندو.


 

You might also like