اڳوڻي گورنر سنڌ محمد زبير پاران ڪراچي وفاق حوالي ڪرڻ واري تجويز رد

عوامي آواز رپورٽ
اڳوڻي گورنر سنڌ محمد زبير پاران ڪراچي وفاق حوالي ڪرڻ واري تجويز رد
عوامي آواز رپورٽ اڳوڻي گورنر سنڌ محمد زبير پاران ڪراچي وفاق حوالي ڪرڻ واري تجويز رد

 

سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ ن ليگ اڳواڻ محمد زبير ڪراچي کي وفاق جي ماتحت ڪرڻ واري تجويز کي رد ڪندي چيو ته ڪراچي کي وفاق جي ماتحت ڪرڻ سنڌ جي وحدت تي وار آهي، ڪشمير ۾ 370 جي مخالفت ڪندڙ سنڌ تي 149 مڙهڻ چاهين ٿا.

ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد زبير چيو ته  وفاقي سرڪار سنڌ جا پيسا واپس ڪرڻ بدران سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه پئي ڪري .

هن چيو ته جن کان پشاور جي بي آر ٽي نه ٺهي سگھي اهي ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڳالهه ڪهڙي منهن سان پيا ڪن . وفاقي وزير علي زيدي جي ڪراچي ۾ صفائي مهم شهر کي ويتر گندي جي ور  چاڙهيو آهي.

ڪچري جو حل نه وفاقي حڪومت وٽ آهي نه صوبائي ۽ نه وري مئير ڪراچي وٽ ناهي، اهي ڪراچي جو ڪچرو کڻڻ لاءِ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ چاهين ٿا.

اڳوڻي گورنر چيو ته ن ليگ جڏهن اقتدار ۾ آئي ان  دور ۾  ڪراچي جو شمار  دنيا جي بدترين شهرن ۾ ٿيندو هو،  جتي هرروز ڪيترائي ماڻهون قتل ٿيندا هئا پر نواز شريف 149 لاڳو ڪرڻ بدران ڪراچي ۾ امن ڪرائي ڏيکاريو

You might also like