اڳوڻي ڊي جي پارڪس ڪراچي لياقت قائمخاني ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪري ڇڏيا…..!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڊي جي پارڪس ڪراچي ۽ ميئر ڪراچي وسيم اختر جي صلاحڪار لياقت قائمخاني جي گهر مان 10 ارب رپين جي ماليت جون شيون برآمد ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

گذريل ڏينهن نيب اڳوڻي ڊي جي پارڪس ڪي ايم سي لياقت قائمخاني کي حراست ۾ ورتو ويو هو ۽ ڪراچي ۾ سندس محل نما گهر تي ڇاپي دوران ڪيتريون ئي لگزري گاڏيون، سون ۽ هيرن جا قيمتي زيور، جديد ترين هٿيار ۽ لاڪرز به هٿ ٿيا آهن.

نيب ذريعن موجب ڪراچي ميئر جي صلاحڪار لياقت قائمخاني جي خلاف ٽي وڌيڪ ريفرنسز بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، لياقت قائمخاني تي آمدن کان وڌيڪ اثاثا بڻائڻ ۽ ڪرپشن ۽ ڪوڙا دستاويز به ريفرنس ۾ داخل ٿيندا.

ذريعن موجب لياقت قائمخاني جي گهر مان هٿ ٿيل دستاويزن مان ڪي ايم سي جي باغن واري کاتي بابت اهم انڪشاف سامهون آيا آهن.

نيب اختيارين جو ٻڌائڻ آهي ته لياقت قائمخاني 20 سالن ۾ ڪراچي جي 71 پارڪن کي رڳو ڪاغذن ۾ بڻايو ۽ اڳوڻي ڊي جي پارڪ هڪ ارب کان وڌيڪ پيسا به هڙپ ڪيا.

ذريعن موجب ڪرپشن جا پيسا ڪي ايم سي آفيسرن، اڳوڻي عهديدارن ۽ اهم سياستدانن کي به حصو ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.