ايس ٽي آر پاليسي تحت استادن جون بدليون ۽ خدشا..!!

عنايت رستماڻي 

ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته تعليم کاتي جي معيار کي سڌارڻ لاءِ سنڌ سرڪار وس آھر ڪوششون وٺندي رھي آهي، اڳوڻي تعليم جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه به ڪجھ حد تائين تعليم جي سڌاري لاءِ جيڪو ڪم ڪيو سندس تمام سٺو تجربو رھيو ڪاپي کي روڪرائڻ کان ويندي ميرٽ تي ڀرتي ڪيل اين ٽي ايس استادن کي ريگيولر ڪرائڻ، سنڌ يونيورسٽي جي استادن کي پڪو ڪرائڻ کان ويندي آءِ بي معرفت نج ميئرٽ تي جي اي ايس ٽي ۽ اي سي ٽي استاد ڀرتي ڪرڻ سندس ساراهه جوڳا ڪم رھيا آهن، استادن کي ڊيوٽي ايمانداري سان ڪرڻ جون ھدايتون به تعليم جي بھتري لاءِ ھيون، سيد سردار شاهه تعليم جي بھتري لاءِ جيڪي سپنا کڻي آيو، سي ساڀيان جا ويس ته پھري نه سگھيا، ويتر سيد سردار شاهه کي پنهنجي وزارت تان ھٿ کڻڻو پئجي ويو، ٻي پاسي موجوده سيڪريٽري به تعليم جي سڌاري لاءِ ميدان عمل ۾ عملي طور ڪوششون وٺي رھيو آهي پر اڪيلي سر تعليم کي سڌارڻ ممڪن ئي ناھي ۽ سيڪريٽري وٽ شايد ٽيم ۾ سٺن صلاحڪارن جو فقدان نظر اچي ٿو، جن جون تعليم لاءِ ڏنل صلاحون تعليم جي بھتري لاء ڪارگر ناھن ڇو ته ھن وقت تائين بدقسمتي سان تعليم جي بھتري لاءِ کنيل سمورا قدم، اھو تعليمي ايمرجنسي ۽ بائيو ميٽرڪ کان ويندي ايس ٽي آر پاليسي سميت ڪيترائي حربا ناڪام ثابت ٿيا آهن، تعليم جي بھتري لاءِ ۽ گوسٽ ٽيچرس کي اسڪولن ۾ پابندي سان ڊيوٽين تي ويھارڻ لاءِ تعليم جي معيار کي جاچڻ سميت استادن کي ريگيولر ڊيوٽي ڪرائڻ لاءِ تعليم کاتي پاران تعليم جي اڳوڻي سيڪريٽري فضل الله پيچوھي بائيومئٽرڪ  سسٽم  پڻ متعارف ڪرايو ھو ۽ ان سسٽم کي سنڌ جي گادي واري شھر ڪراچي تائين محدود رکيو ويو، ان جا اختيار ڊائريڪٽرز سطح تائين نه ڏنا ويا نه وري آفيس ڊويزن ليول تائين کلي سگھيا، تنهن ڪري ان جي تبديلي ۾ استادن کي مشڪلاتن کي منهن ڏنو.

بحرحال استادن کي ڊيوٽي ڪرائڻ لاءِ تعليم کاتي سنڌ بھترين طريقڪار ته ڳولي لڌو پر بدقسمتي سان ان سسٽم تحت ڪافي حد تائين استاد اسڪولن ۾ ته ريگيولر ٿي ويا پر تعليمي معيار بھتر نه ٿي سگھيو، انھن ڳالھين جو پيرو کڻنداسين ته يقينن اسان جي سامھون مايوس ڪندڙ رزلٽ ايندي ڇو ته بائيومئٽرڪ  سسٽم جو پڙھائي جي عمل ۽ ٻارن جي داخلا سان ڪو به تعلق ناھي، اسسٽنٽ مانيٽر وٽ اختيار ئي ناھن جو ھو ٻارن جي حاضري ۽ تعليمي معيار بابت پڇا ڳاڇا ڪري سگھي، انهن جو ڪم رڳو استادن کان اڱوٺي جو نشانو وٺي حاضري ڏيکارڻ آهي، ان کان پوءِ جيڪڏهن 29 ڏينهن استاد اسڪول نٿو اچي ته سندس ڪو به جائزي وٺڻ وارو ناهي، تنهن ڪري خدشا ٿا جنم وٺن ته الڳ سان بائيومئٽرڪ کاتو ٺاھڻ ۽ ان لاءِ وري الڳ عملو مقرر ڪرڻ جي باوجود به جيڪڏهن نتيجا خاطر خواهه نه اچن ۽ بائيو مئٽرڪ  سسٽم پاڻ ئي مسئلن ۽ مونجھارن جو شڪار ٿي وڃي ته اتي ڪيترائي سوال جنم وٺن ٿا، انهن سوالن مان اھم سوال اھيو ٿو پيدا ٿئي ته ڪٿي بائيومئٽرڪ سسٽم پاڻ ئي ڪرپشن جي ڪڙي ته ناهي. اھي سوال تڏهن جنم وٺن ٿا، جڏهن ھڪڙو استاد دوران سروس وفات ڪري وڃي ٿو يا مدو پورو ڪري رٽائر ٿي وڃي ٿو يا ٻي ڪنهن کاتي ۾ نوڪري ملڻ جي صورت ۾ تعليم کاتو ڇڏي وڃي ٿو، تڏهن به ان جو رڪارڊ بائيومئٽرڪ  سسٽم  ۾ موجود رھي ٿو. جڏهن ته ان ملازم جو رڪارڊ ٽريزري مان ان ئي مھيني تبديل ٿي ويندو آهي پر بائيومئٽرڪ  سسٽم مان ان جو رڪارڊ نٿو بدلجي، جنهن مان ثابت ٿو ٿئي ته بائيومئٽرڪ  سسٽم  غير فعال آهي، جنهن ڪري ٻن کان ٽن سالن تائين يا ان کان وڌيڪ عرصو سسٽم مان ملازم نٿو نڪري.

مزي جھڙي ڳالھ ته نتيجي طور اھو ملازم جيڪو فوت ٿي چڪو آهي يا رٽائر ٿي چڪو آهي اھو بائيومئٽرڪ سسٽم ۾ دائمي غير حاضر ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ انهن جي خلاف شوڪاز نڪرڻ شروع ٿي ويندا آھن ۽ گوسٽ استادن جي انگن اکرن ۾ پڻ تضاد ٿي پوندو آهي پر خبر ناهي، جنهن کاتي کي ڊيوٽي ۾ بي ايماني ڪندڙ استادن کي پڪڙڻ لاءِ ايماندار ڪري پيش ڪيو ويو آهي، ان ئي ايماندار کاتي جو اهو ڪمال آهي جو ھو رڪارڊ به اپ ڊيٽ نٿا ڪري سگهن، تنهن مان لڳي ٿو ته  تعليم جي بھتري جون دعوائون محض دعوائون ئي رھجي وڃن ٿيون، تازو وري ايس ٽي آر پاليسي تحت ٿيندڙ بدلين ۾ جھڙي نموني سنڌ جي ھزارين استادن کي پريشان ڪيو ويو، ان جو تاريخ ۾  مثال ملڻ مشڪل آهي، تعليم کاتي جي ٽي اي اوز ۽ ڊي اي اوز ضرورت جي بنيادن تي جن استادن جون بدليون بند پيل اسڪولن ۾ ڪيون، وري ايس ٽي آر پاليسي ۾ ٻيھر انهن جي بائيومئٽرڪ  تبديل ڪري ڏورانھن علائقن ڏانهن ڌڪي ڇڏيو، جنهن سان اڳواٽ ھلندڙ اسڪول به بند ٿي ويا، پر ڪيترين ئي جاين تي استادن جي ايس ٽي آر پاليسي تحت بدلين سان استادن جي کوٽ پڻ پيدا ٿي وئي آهي، جن اسڪولن کي وڌيڪ استادن ڏيڻ جي ضرورت ھئي، اتان استادن جون بدليون ڪيون ويو، جنهن سان تعليم متاثر ٿيڻ جو خدشو پڻ وڌي ويو آهي، ڪيترين جاين تي سرڪاري اسڪول بند ٿي ويا آهن يا تعليم کاتي اسڪول سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن حوالي ڪري ڇڏيا آهن، اتان استادن کي ٻين اسڪولن ڏانهن اڳواٽ تعليم کاتي پاڻ بدلي ڪري ڇڏيو آهي، مٿان وري تازو بائيومئٽرڪ کاتي نوٽيفڪيشن  جاري ڪندي سڀني ڊائريڪٽرز ۽ ڊي اي اوز کي پابند ڪندي فرمان جاري ڪندي چيو آهي ته ايس ٽي آر پاليسي تحت جن استادن جون بدليون ٿيون آهن يا جن استادن جي بائيومئٽرڪ جنهن اسڪول ۾ آهي، اھي استاد انهن اسڪولن ڏانهن ھليا وڃن، ٻي صورت ۾ اھي استاد غير حاضر تصور ڪيا ويندا، ھاڻي استاد پريشان آهن ته هو اتي ئي ڊيوٽيون ڪن يا واپس وڃن، ھن فرمان جاري ٿيڻ کان پوءِ اھي استاد وڌيڪ پريشان  ٿيندا، جن جا اڳوڻا بائيومئٽرڪ  وارا اسڪول سيف جي حوالي ٿيا آهن يا بند ٿي چڪا آهن، اھي ھاڻي ڪاڏي وڃن، ٻيو وري اھي استاد  پريشان ٿيندا، جن کي پنهنجن پوسٽنگ پليسز تان ايس ٽي آر پاليسي تحت بدلي ڪرڻ بجاءِ انهن استادن  کي جڙتو اسڪول ڏئي ٻين يوسيز يا ٻين تعلقن ڏانهن بدلي ڪيو ويو آهي نه صرف ايترو پر ايس ٽي آر لسٽ ۾ ڪيترن ئي استادن جون ٻه ٻه ڀيرا به بدليون ٿيل آهن، اھو ان جي ڪري جو خانا پوري ٿئي ۽ بند پيل اسڪولن کي ڪاغذي ڪارروائين ۾ کليل ڏيکارڻ جي ناڪام ڪوشش ٿيل آهي. ايس ٽي آر پاليسي تحت ماسترياڻيون وڌيڪ پريشان آهن، انهن کي ڏورانھن علائقن ۾ بدلي ڪيو ويو آهي.

ھڪ پاسي  تعليم کاتي جو اڳوڻو صوبائي وزير سردار علي شاهه ۽ موجوده  سيڪريٽري تعليم قاضي شاھد پرويز ميڊيا ذريعي بند پيل اسڪولن بابت اڀرندڙ سوالن جي جواب ۾ وقت به وقت انڪشاف ڪندا رھيا آهن ته سنڌ ۾ استادن جي کوٽ جي ڪري ئي اسڪول بند آهن، استادن جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ جلد نيون ڀرتيون ڪيون وينديون، نيون ڀرٿيون ته نه ٿيون ويتر ايس ٽي آر پاليسي کي متعارف ڪري ھلندڙ اسڪول بند ڪري استادن جي وڌيڪ کوٽ کي سنگين صورتحال تائين پھچايو ويو آهي. تنهن ڪري سنڌ جي وڏي وزير کي تعليم تي سنجيدگي سان نوٽيس وٺڻ گھرجي ۽ ايس ٽي آر پاليسي تحت ٿيندڙ بدلين کي واپس وٺڻ گھرجي.

You might also like