بيضو بي اولاديءَ لاءِ فائديمند

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شادي کان پوءِ هر جوڙي جي خواهش هوندي آهي ته هنن کي  جلد اولاد ٿي پر ائين نه ٿيڻ جي صور ت ۾ جوڙي جي لاڳاپن ۾ فاصلا به اچي سگھن ٿا.

هر گذرندڙ وقت سان گڏ عورتن کي اولاد نه ٿيڻ جو مرض گھڻي تيزي سان پکڙجي رهيو آهي جنهن جو سبب عام طور تي آلودگي، ننڊ جي گھٽتائي ۽ طرز زندگي جو ڪجهه ٻيون عادتون آهن.

اڄ ڪالهه عورتن ۾ (PCOS) نالي بيماري به تيزي سان پکڙجي رهي آهي، ان بيماري سبب عورتن کي اولاد ٿيڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي سگھي ٿي.

ضروري ناهي ته ڪو مرد عورت بانجهه هجي حقيقت ۾ هارمونز جو نظام درست نه هئڻ به ٻارن جي پيدائش ۾ دير جو سبب بڻجي ويندو آهي.

هي به ڏسي سگھو ٿا: پراميد انسان ڊگهي ڄمار ماڻيندو آهي

هارومونز کي متاثر ڪندڙ ڪيميڪلز ۽ ذهني دٻاءُ  اسان جي جسم تي ناڪاري اثر وجهندو آهي.

پر طبي سائنس موجب خوراڪ جي عادت به ان خطري کان بچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿي ۽ آني کي ان لاءِ اهم مڃيو ويندو آهي.

بيضي ۾ ڪولائن نالي جز موجود هوندو آهي جيڪو اولاد نه ٿيڻ جي خطري کان بچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿو.

ان کان سواءِ بيضو مختلف وٽامنز جو ميڙ آهي  جيڪو مختلف طبي فائدن جو سبب بڻجي ٿو.

بيضي کان سواءِ مڇي، ڏاڙهون ۽ اخروٽ به اهڙي خوراڪ ۾ شامل آهن جيڪي ٻار نه ٿيڻ جي خطري کي گھٽ ڪري سگھن ٿا.

You might also like