انڊر 19 ايشيا ڪپ: ڀارت پاڪستان کي 60 رنسن تان هارائي ڇڏيو

 

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) انڊر 19 ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ  ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان کي ٻي شڪست ملي آهي، ڀارتي ٽيم گرين شرٽس کي 60 رنسن تان هارائي ڇڏيو.

ڪولمبو ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون ۽ ڀارتي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

ڀارت ارجن آزاد ۽ تلڪ ورما جي سينچرين جي مدد سان مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 305 رنسون ٺاهيون.

هي به پڙهي سگهو ٿا: پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ سيريز لاءِ ٽڪيٽن جي وڪري جو اعلان

ارجن آزاد 121 ۽ تلڪ ورما 110 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، پاڪستان طرفان نسيم شاهه ۽ محمد عباس آفريدي 3-3 وڪيٽون ورتيون.

جواب ۾ پاڪستان جي شروعات سٺي نه رهي ۽ وقفي وقفي سان وڪيٽون ڪرنديون رهيون، ڪپتان روحيل نذير ۽ حارث خان مزاحمت ڪئي پر ٽيم کي شڪست کان نه بچائي سگهيا.

قومي ٽيم جي ڪپتان روحيل نذير 117 رنسن جي بهترين اننگز کيڏي، جڏهن ته حارث خان 43 رنسون ٺاهيون، ڀارت جي ونود انڪوليڪار 3، مشرا ۽ پٽيل 2-2 وڪيٽون ورتيون.

قومي ٽيم 47هين اوور ۾ 245 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، اهڙي ريت ڀارت ميچ ۾ 60 رنسن تان ڪاميابي پنهنجي نالي ڪري ورتي.

واضح رهي ته ايونٽ ۾ اها گرين شرٽس کي لاڳيتي ٻي شڪست آهي، ان کان اڳ پاڪستان کي افغانستان هٿان به شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو.

You might also like