پاڪستان انساني حقن جي ڪائونسل ۾ والاريل ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلمن کي بي نقاب ڪري ڇڏيو

 

جنيوا (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي انساني حقن جي ڪائونسل ۾ والاريل ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلمن کي بي نقاب ڪندي چيو آهي ته والاريل ڪشمير کي دنيا جو سڀ کان وڏو جيل قرار بڻايو ويو آهي، عالمي برادري ڀارتي ظلم ختم ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري.

جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪائونسل ۾ خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته گذريل ڇهن هفتن کان ڪشميرين حريت اڳواڻ نظر بند آهن، والاريل ڪشمير کي دنيا جو سڀ کان وڏو جيل قرار ڏنو ويو آهي، اوهان سڀني کي بي بي سي جي آرٽيڪل جي ڪاپي ڏني آهي جنهن ڪشميرين پنهنجي وات سان پاڻ مٿان ٿيندڙ ظلمن جي داستان بيان ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته پيلٽ گن جو شڪار مريض اسپتال وڃن کان به ڊڄن ٿا، ڀارت پنهنجو پاڻ کي دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت جو دعويدار چوندو آهي ڀارت ڪشميرين جي اڪثيريت کي اقليت بنائڻ چاهي ٿو.

پرڏيهي وزير چيو ته والاريل وادي ۾ دوائن جي سخت کوٽ آهي، برطانوي ميڊيا والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم بي وائکا ڪيا، عالمي برادري ڪشميري مسئلو حل ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري، والاريل وادي ۾ ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، والاريل وادي ۾ طوفان طوفان اچڻ کان اڳ خاموشي ڇانيل آهي.

سندس چوڻ هو ته ڀارت ڀيرو وري والاريل ڪشمير ڪرفيو ختم ڪري ڏسي، ڀارت والاريل ڪشمير تي ڳالهين جي دعوت لاڳيتون رد ڪئي، ڀارت آرٽيڪل 370 کي رد ڪرڻ کان پوءِ لاڳيتو لائين آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، والاريل وادي جو معاملو ڀارت جو اندروني معاملو ناهي.

شاهه  محمود قريشي چيو ته ڀارت والاريل وادي مان ڪرفيو هٽائڻ لاءِ آپريشن ڪري سگھي ٿو، ڀارت وادي ۾ پرڏيهي مبصرن کي اچڻ جي اجازت ڏئي ان سان گڏ وادي ۾ پاڪستان قيادت کي به وڃڻ جي اجازت ڏي، ڀارت عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪلسٽر ۽ هيوي بمن جو استعمال ڪيو، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ پنهنجا ظلم لڪائڻ لاءِ ڪشميرين جي جدوجهد جي آزادي کي دهشتگردي جو نالو ڏيندو آهي.

سندس چوڻ هو ته وادي ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي شديد مذمت ڪيون ٿا، انساني حقن جي ڪائونسل تي زور ڏيان ٿو ته وادي ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو سخت نوٽيس وٺي ۽ پاڪستان والاري وادي ۾ آزادي جو سج اڀرڻ تائين ڪشميرين سان گڏ آهي.

You might also like