امن عمل جي معطلي تي ڪابل حڪومت جو ردعمل

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان صدر اشرف غني جي آفيس مان جاري ٿيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ امن قائم ٿيڻ ان ئي صورت ۾ ممڪن آهي، جڏهن طالبان ويڙهاڪ پنهنجا حملا ختم ڪن ۽ ڪابل حڪومت جي نمائندن سان سڌي ريت ڳالهه ٻولهه ڪن.

صدارتي آفيس جي ان بيان ۾ آمريڪا ۽ ٻين اتحادين سان سهڪار جاري رکڻ جو به ذڪر ڪيو ويو آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: آمريڪي صدر طالبان سان امن ڳالهيون معطل ڪري ڇڏيون

افغانستان ۾ هن ئي مهيني 28هين تاريخ تي صدارتي چونڊون ٿيڻيون آهن ۽ بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهي چونڊون مقرر وقت ڪرائڻ تي ڪرائڻ حڪومت جي اهم ترجيح آهي.

واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طالبان سان امن ڳالهيون معطل ڪري ڇڏيون آهن.

 

You might also like