امام حسين رضه جي پيروي ڪري ناانصافي ۽ ظلم خلاف ڪاميابي حاصل ڪنداسين: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته امام حسين رضه  جي پيروي ڪري ناانصافي ۽ ظلم خلاف ڪاميابي حاصل ڪنداسين، ڪربلا جي شهيدن کي سلام پيش ڪيون ٿا.

بلاول ڀٽو يوم عاشور جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته يوم عاشور جو درس آهي ته ظلم، ڏاڍ ۽ ڪوڙ خلاف مزاحمت ڪرڻ گھرجي، والاريل ڪشمير ۾ ظلم جي نئين لهر سان يوم عاشور جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي.

هن چيو ته امام حسين رضه جي پيروي ڪري ناانصافي ۽ ظلم خلاف ڪاميابي حاصل ڪنداسين، ڏاڍ ڪندڙ انتها پسند غلط تصور کي مذهب سان ڳنڍيندا آهن.

You might also like