اقتدار پرست وڏيرا سنڌ دشمن قوتن جا ساٿاري آهن: جلال محمود شاهه

 گلشن اقبال ( ن ع آ )  سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته سنڌ کي گذريل 70 سالن کان مال غنيمت سمجهي لٽيو پيو وڃي جنهن سبب سنڌ جي تعليم، صحت، زراعت ۽ انڊسٽري تباھ لڳي پئي آهي. پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ سيد جلال محمود شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جو ڪو ادارو بچيل ناهي جتي ڪرپشن پنهنجيون پاڙون پختيون ناهن ڪيون حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ نااهلي جي ڪري سموري سنڌ کنڊر جو ڏيک ڏئي رهي آهي. سنڌ دشمن قوتون سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين، ڪوهستان، ٿر، ڪاڇي، سامونڊي پٽي ۽ معدني وسيلن تي قبضو ڪرڻ جهڙين سنڌ دشمن ۽ ملڪ دشمن سازشين ۾ مصروف آهن ۽ پيپلزپارٽي جي حڪومت ۽ اقتدار پرست وڏيرا سنڌ دشمن قوتن جا ساٿاري ۽ سهولت ڪار بڻيل آهن. پر امن سنڌ ۾ لاقانونيت، سنڌي هندن جي عباتگاهن تي حملا، سندن نياڻين سان ڏاڍائين جهڙا انسانيت سوز عمل سنڌ ۾ وڌندا پيا وڃن پر ڪرپٽ حڪمران اگھور ننڊ ستل آهن. ايس يو پي سربراهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته سموري سنڌ کي پوليس اسٽيٽ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، معصوم ٻار ۽ عورتون جوڳو علاج ۽ وئڪسين نه ملڻ ڪري تڙپي تڙپي حياتيون وڃائي رهيا آهن. هن سنڌ جي محب وطن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته سنڌ ۽ سنڌي قوم خلاف سازشن کي منهن ڏيڻ لاءِ متحرڪ ٿين ۽ پرامن جمهوري جدوجهد وسيلي ان سازش کي ناڪام بڻائين ..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.