افغانستان ۾ آمريڪا جي ناڪامي جو الزام پاڪستان نه لڳائڻ غير منصفاڻو آهي: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ آمريڪا جي ڪامياب نه ٿيڻ جو الزام پاڪستان تي لڳائڻ غير منصفاڻو آهي.

روسي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جيڪڏهن اسان نائن اليون کانپوءِ آمريڪا جي جنگ نه وڙهون ها ته دنيا جو خطرناڪ ملڪ نه هجون ها، سوويت يونين خلاف جنگ ۾ انهن ئي ماڻهن کي تربيت ڏني وئي، جنهن جو فنڊ سي آءِ اي ڏنو هو، اهي تربيت يافته ماڻهو هئا ۽ هڪ ڏهاڪي کانپوءِ آمريڪا اتي ويو ته چيو ويو اهو جهاد نه دهشتگردي آهي، اهو وڏو تضاد هو، جنهن کي هنن محسوس ڪيو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: وزيراعظم پاران ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ جلسي جو اعلان

سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي ان جنگ ۾ غير جابندار رهڻ گهرجي ها، آمريڪا جو اتحادي بڻجڻ سان اها گروپ اسان جي خلاف ٿي ويا ۽ 70 هزار پاڪستانين جون زندگيون ويون.

هن چيو ته اسان شروع کان ئي ان جنگ جي خلاف هئاسين، ان جنگ سان معيشت کي 100 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان پهتو، هاڻ آخر ۾ افغانستان ۾ آمريڪا جي ڪامياب نه ٿيڻ جو الزام اسان تي لڳايو ويو، جيڪو غير منصفاڻو آهي.

You might also like