اعجاز جکراڻي جي گهر نيب سان گڏ رينجرز اهلڪار ڇا ڪرڻ ويا: سعيد غني

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي اطلاعات ۽ پورهئي واري صوبائي وزير سعيد غني  صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي گهر تي نيب جي ڇاپي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته نيب  ذريعي زبان بند ڪرڻ لاءِ اسان جي ماڻهن کي هراسان ۽  تنگ ڪيو پيو وڃي ته جيئن اسان کي دٻائي سگهجي. اهڙو اظهار هنن ڪالهه ڊفينس ۾ اطلاعات ۽ پورهئي کاتي جي وزير جي  ڪئمپ آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، سعيد غني وڌيڪ چيو ته اعجاز جکراڻي جو اليڪشن ٽربيونل سان رابطو آهي. 14 آڪٽوبر تي ري ووٽنگ جو عمل شروع ٿيڻ جو امڪان آهي اهو ڇاپو دٻاءُ وجهڻ لاءِ هنيو ويو ڇو ته خورشيد شاهه سميت ٻيا جيالا گرفتار آهن پر  ان وقت تائين انهن خلاف ڪو ريفرنس ئي فائنل ناهي ڪيو ويو جڏهن ته فهميده مرزا ۽ حسنين مرزا خلاف چاليهه ڪروڙ جو ريفرنس فائنل آهي پر ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي وئي عمران خان ، اسد قيصر، ذلفي، محمود خان سميت ٻين تي ڪيس داخل آهن پر انهن کان ته پڇاڻو به نه ٿو ڪيو وڃي، نيب انهن کان پڇاڻي کي گناهه ڪبيره سمجهي ٿي، هن چيو ته  اعجاز جکراڻي جي گهر ۾ عورتن سان گڏ مرد اهلڪار به اندر ويا رينجرز اهلڪار ان ڪمرن ۾ ڇا ڪرڻ ويا هئا ڇا رينجرز جو اهو ڪم آهي، هن چيو ته  اسان جي ثقافت آهي عورتن جو احترام ڪيو وڃي سعيد غني چيو ته اسان ڪشمير، مهانگائي ۽ عوام جي اشو تي ڳالهائي رهيا آهيون ان لاءِ اسان خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي ڪڏهن واپاري، ته ڪڏهن بيورو ڪريٽن کي جاچ مان فارغ ڪيو وڃي ٿو پر پ پ خلاف  نيب کي سرگرم ڪيو وڃي ٿو، جج جي وڊيو جي جاچ ڪيڏانهن وئي، ان موقعي تي جيل کاتي بابت وڏي وزير جي صلاحڪار اعجاز جکراڻي چيو ته منهنجي گهر تي ڪارروائي ائين ڪئي وئي ڄڻ دهشتگرد جو گهر هجي، منهنجي خلاف محمد ميان سومرو جي ڀاڻيجي ۽ مليحه فريادي آهن، ه پ پ جو ورڪر آهيان، وفاداري تبديل نه ڪندس، اهو ڏينهن به اچڻ وارو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.