اسڪارلٽ جانسن ڌيءُ کي جنسي طور هراسان ڪندڙ هدايتڪار جي حمايت ڪري ڇڏي

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ اڪارائن ۾ شمار ٿيندڙ هالي ووڊ سندري 34 ورهين جي اسڪارلٽ جانسن پنهنجي ويڳي ڌيءَ کي ننڍي عمر ۾ مبينا طور تي جنسي طور هراسان ڪندڙ هدايتڪار جي حمايت ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.

اسڪارلٽ جانسن جيتوڻيڪ عورتن جي حقن ۽ خودمختياري جي حوالي سان آواز اٿارڻ سبب سڃاتي ويندي آهي ۽ هن عورتن کي جنسي طور هراسان ڪرڻ خلاف شروع ٿيل “ٽائمز اپ” مهم لاءِ عطيا به ڏنا هئا.

پر هن هالي ووڊ جي مشهور هدايتڪار 84 ورهين جي ووڊي ايلن جي تعريف ڪري ۽ هن کي ڀروسي جوڳو شخص قرار ڏئي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.

ووڊي ايلن پنهنجي ويڳي ڌي کي ننڍي عمر ۾ جنسي طور هيسائڻ سوڌو ٻين عورتن سان نامناسب انداز ۾ پيش اچڻ تي تقيد کي منهن ڏئي رهيو آهي.

ويڳي ڌي کي مبينا طور تي جنسي طور هيسائڻ جو الزام هڪ ڀيرو وري سامهون اچڻ بعد هن جي فلمن کي سموري دنيا ۾ رليز ڪندڙ ڪمپني “ايمازون“ هن جي هلندڙ سال فيبروري ۾ رليز ٿيل فلم کي جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو.

گڏوگڏ ئي ايمازون ووڊي ايلن سان ڪيل معاهدو ختم ڪري ڇڏيو هو، جنهن کان پوءِ هدايت ڪار ڪمپني خلاف 6 ڪروڙ 80 لک آمريڪي ڊالرن جي ڏنڊ جي دعويٰ داخل ڪئي هئي.

ووڊي ايلن ايمازون خلاف ڪيس داخل ڪندي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته ڪمپني هن سان فلم ”اي ريني ڊي ان نيويارڪ” کي سڄي دنيا ۾ رليز ڪرڻ جو معاهدو ڪيو هو، پر ڪمپني معاهدو رد ڪري ڇڏيو.

فلم ساز طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو هو ته پروڊڪشن ڪمپني هن جي فلم رليز 25 ورهيه پراڻي ۽ ڪوڙي الزام جي بنياد تي روڪي، جنهن سان هن کي ڪروڙين ڊالرن جو نقصان رسيو.

ووڊي ايلن درخواست ۾ ڪنهن جو نالو وٺڻ کان سواءِ لکيو ته هن تي 25 ورهيه اڳ هڪ ڇوڪري کي جنسي طور تي هراسان ڪرڻ جو ڪوڙو الزام لڳايو ويو هو ۽ ايمازون ان ڪوڙ کي جواز بڻائي هن جي فلم روڪي، جنهن سان کيس نقصان ٿيو.

ڪمپني اهو قدم ان وقت کنيو هو جڏهن “مي ٽو مهم” سبب ووڊي ايلن تي هڪ ڀيرو ٻيهر 1992ع جي ڪيس سبب تنقيد ڪئي وئي هئي.

پر هاڻ مشهور اداڪارا ووڊين ايلن جي حمايت ۾ بيان ڏئي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو اداري کي  ڏنل خاص انٽرويو ۾ اسڪارلٽ جانسن ووڊي ايلن کي ڀروسي جوڳو شخص قرار ڏيندي چيو ته هن ووڊي جهڙو بهترين ۽ ذميوار  شخص ناهي ڏٺو.

اسڪارلٽ جانسن ووڊي ايلن تي لڳايل الزامن کي نظرانداز ڪندي چيو ته هن وقت هدايتڪار خلاف فوجداري الزامن تحت جنسي طور هيسائڻ جو ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو، جنهن جو مطلب آهي ته هن تي لڳايل الزام سچا نه آهن.

هن واضح انداز ۾ چيو ته هن کي ووڊ ايلن تي يقين آهي ۽ هوءَ سندس گھڻو احترام ڪندي آهي.

You might also like