اسپينش ڊانسر فن جو مظاهرو ڪندي حياتي وڃائي ويٺي

منيلا (ويب ڊيسڪ) اسپينش ڊانسر اسٽيج پرفارمنس دوران آتش بازي لاءِ استعمال ٿيندڙ راڪيٽ پيٽ ۾ لڳڻ سبب فوت ٿي وئي،  “جوانا” سينز گروپ جي مين ڊانسر ۽ ڪوريو گرافر هئي، ان گروپ ۾ 15 ميمبر موجود هئا.

اسپين سان واسطو رکنڙ هڪ پاپ گلوڪارا ۽ ڊانسر اسٽيج پرفارمنس دوران حادثي ۾ مارجي وئي، جوانا سينز نالي پرفارمر اسپين ۾ اسٽيج تي پنهنجي ميوزيڪل گروپ سوپر هالي ووڊ ۽ ڪسٽرا سان گڏ پرفارم ڪري رهي هئي، ان موقعي تي اتي پرفارمنس ڏسڻ لاءِ هزارن جي انگ ۾ شوقين موجود هئا.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب 30 ورهين جي اسپينش ڊانسر جوانا ۽ سندس 15 ساٿي اسٽيج تي موجود هئا ۽ انهي ءَ دوران زبردست آتش بازي جو مظاهرو به جاري هو، ان موقعي تي آتش بازي لاءِ استعمال ٿيندڙ هڪ راڪيٽ گلوڪارا جي پيٽ ۾ وڃي لڳو، جنهن سبب هوءَ پرفارمنس دوران اسٽيج تان ڪري پئي.

رپورٽ موجب اهو حادثو گذريل رات پيش آيو، جوانا جي اسٽيج تان ڪرندي ئي پرفارمنس روڪي اسٽيج جا پردا بند ڪيا ويا، جنهن کان پوءِ هجوم ۾ موجود هڪ ڊاڪٽر کيس شروعاتي طبي امداد فراهم ڪئي، ان کان پوءِ جوانا کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هوءَ نه بچي سگھي.

هجوم ۾ موجود اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ هو ته تيز ڌماڪي جو آواز اچن کان پوءِ هنن گلوڪارا کي اسٽيج تان ڪرندي ڏٺو جڏهن ته هڪ شخص ٻڌايو ته ٻه راڪيٽ نظر آيا، هڪ ته صحيح رخ ۾ ڏينهن ويو جڏهن ته ٻيو گلوڪارا جي پيٽ ۾ وڃي لڳو.

جوانا سينز گروپ جي مين ڊانسر ۽ ڪوريو گرافر هئي. ان ميوزيڪل گروپ ۾ 15 ميمبر موجود هئا جن ۾ ميوزيشن، ڊانسرز شامل آهن.