اسلام آباد ۾ ڊينگي وائرس ڪَر کڻڻ لڳو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد  ۾ ڊينگي وائرس ڪر کڻڻ لڳو  پمز اسپتال ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 24 مريضن ۾ ڊينگي وائرس جي تصديق ڪئي وئي آهي.

اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ 24 مرضن ۾ ڊينگي وائرس جي تصديق ٿي آهي، اسپتال ترجمان چيو آهي ته 24 ڪلاڪن ۾ ڊينگي جا 150 شڪي مريض آندا ويا هئا.

هن چيو ته اسپتال ۾ ڊينگي آئسوليشن وارڊ قائم ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ 10 بيڊ رکيا ويا آهن.

واضح رهي ته صحت بابت خاص مددگار جي هدايت تي ڊينگي جي روڪٿام لاءِ خاص قدم کڻڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ ظفر مرزا جي هدايت تي وفاقي هيلٿ سيڪريٽري ڊينگي بابت اجلاس ڪوٺايو.

صحت بابت خاص مددگار چيول ته مريضن کي معياري طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ڊينگي جي خاتمي الءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي.

صحت واري وزارت جي ترجمان موجب مڇرن جي واڌ ويجهه جي نشاندهي ڪري ورتي آهي، مڇرن جي خاتمي لاءِ اسپري جاري آهي، ٽائر پلاسٽڪ جي بوتلن، گند ڪچرو ختم ڪرڻ جو ڪم به جاري آهي.

ترجمان ٻڌايو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز جون 136، سينيٽري انسپيڪٽرز، مليريا سپراوئيزر جون 6 ٽيمون جوڙيون ويون آهن.

هي به پڙهي سگھو ٿا: حڪومت علاج جون سهولتون کسي عوام کي ڊينگي جي ور چاڙهي ڇڏيو هي: مريم اورنگزيب

ياد رهي ته ان کان اڳ پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو هو ته برساتن کان پوءِ راولپنڊي ۾ به ڊينگي جا ڪيس سامهون آيا آهن.

 لاهور ۾ صحت جي صوبائي  واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو هو  جنهن ۾ ڊينگي جي خاتمي بابت مهم لاءِ کنيل قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو هو.

ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو هو ته ڊينگي مهم جون سرگرميون مانيٽر ڪيون پيون وڃن، ڊينگي بابت آگاهي لاءِ اثرائتي مهم هلائي پئي وڃي.

هن چيو هو ته هاڻوڪين برساتن کان پوءِ راولپنڊي ۾ به  ڊينگي جا ڪيس سامهون آيا آهن.

 

You might also like