اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

وفاقي تخت گاهه اسلام آباد سميت پشاور، راولپنڊي، مري، سوات، مهمند، شبقدر، چارسدا ۽ باجوڙ ۾ محسوس ڪيا ويا.

هي به پڙهي سگهو ٿا: حيدر آباد ۽ ٺٽي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس….!

اتر وزيرستان جي مختلف علائقن شانگلا، بونير، مالاڪنڊ، صوابي، مردان، نوشهرا ۽ خيبر ضلعي ۾ به ضلعي جا لوڏا محسوس ٿيا.

زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ زلزلي جي شدت 5 ڏهائي 2 رڪارڊ ڪئي وئي، ان جو مرڪز هندوڪش ريجن ۽ زمين ۾ ان جي اونهائي 251 ڪلو ميٽر هئي.

You might also like