اسلام آباد: حڪومت پاران تڪراري ميڊيا ٽربيونل ٺاهڻ تان هٿ کڻڻ جو فيصلو

عوامي آواز رپورٽ
اسلام آباد: حڪومت پاران تڪراري ميڊيا ٽربيونل ٺاهڻ تان هٿ کڻڻ جو فيصلو
عوامي آواز رپورٽ اسلام آباد: حڪومت پاران تڪراري ميڊيا ٽربيونل ٺاهڻ تان هٿ کڻڻ جو فيصلو

 

پي ٽي آءِ حڪومت تڪراري ميڊيا ٽربيونلز ٺاهڻ تان هٿ کڻڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ  وفاقي حڪومت اعلان ڪيو هو ته ميڊيا لاءِ خصوصي عدالتون قائم ڪيون وينديون.

حڪومت جي اهڙي فيصلي تي ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز، آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي، پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسي ايشن، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس، پريس ڪلبن، سول سوسائٽي، انساني حقن جي تنظيمن حڪومت جي ان فيصلي جي سخت مخالفت ڪندي احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو هو.

اعلي سطح جي ذريعن مطابق ادارن پاران حڪومت کي صلاح ڏني وئي آهي ته ميڊيا سان جهڳڙي جو هڪ ٻيو محاذ نه کوليو وڃي، ڇو ته حڪومت اڳ ۾ ئي اندروني۽ ٻاهرين سطح تي سياسي ۽ سفارتي محاذ کوليو ويٺي آهي.

ذريعن موجب، اهو فيصلو واپس وٺڻ سان حڪومت ۽ ميڊيا کي مڪمل طرح قومي معاملن تي ڌيان ڏيڻ جو موقعو ملندو.

اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي ته ميڊيا لاءِ خصوصي عدالتون نه ٺاهيون وينديون، جنهن بابت باقاعده اعلان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيو ويندو.

سي پي اين اي جي صدر عارف نظامي اعلان ڪيو آهي ته ميڊيا ٽربيونل جوڙڻ خلاف احتجاج تيستائين جاري رهندو جيستائين حڪومت باقائد اهڙو فيصلو واپس وٺڻ جو اعلان نه ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.