اداڪار عابد علي لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو ناليوارو اداڪار عابد علي سخت بيمار هجڻ سبب 67 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

عابد علي گذريل ٻن مهينن کان اسپتال ۾ جيري جي عارضي سبب علاج هيٺ هو. ڪجهه ڏينهن اڳ هن جي ڌي اهو انڪشاف ڪيو هو ته ڊاڪٽرن عابد علي جي صحت بابت جواب ڏئي ڇڏيو آهي.

ھي به ڏسي سگھو ٿا: عابد علي جي موت جي افواهن جي ترديد

گذريل ڏينهن به عابد علي جي لاڏاڻي جو افواهون سامهون آيون هيون پر هاڻ هن جي گھرواري اداڪارا رابعه عابد تصديق ڪئي آهي ته عابد علي هاڻ هن دنيا ۾ ناهي رهيو.

 

You might also like