ابراهيم جويو عقليت جو پرچارڪ قرار، هن وطن پرستي جو پيغام ڏنو: ساڃاهه وند

ڄامشورو (ڊ ر ) سنڌ جي مختلف عالمن اديبن ۽ استادن سنڌي شعبي ،سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران سنڌ جي نامور دانشور،اديب ،مترجم ۽ استاد محمد ابراھيم جويي جي ٻي ورسي جي موقعي تي "محمد ابراھيم جويو ھڪ دانشور، ھڪ دور” جي عنوان ھيٺ ڪرايل ھڪ ڏينهن واري سيمينار ۾ ڪيو، جنھن ۾ عالمن ،اديبن ،استادن ۽ شاگردن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي.سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجي چيو ته محمد ابراھيم جويو سنڌ پسند ۽ وطن دوست ماڻھو ھو، جنھن شين کي عقليت پسندي ۽ منطقي طريقي سان ڏسڻ جي ڳالهھ ڪئي.اسان جويي صاحب جي روايتي ورسي ملھائڻ بدران اُن جي فڪر تي سيمينار ان ڪري ڪيو آهي ته جيئن نوجوان سندس ڪردار، شخصيت ۽ فڪر کان روشناس ٿي سگهن. محسن جويي چيو ته جويي صاحب ڪڏھن به پنھنجي ذاتي زندگي ۽ ذاتي فائدن بابت نه سوچيو. ھو انھن ماڻهن منجھان ھو جن قوم ۽ وطن جو رتبو وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، جنھن وقت سنڌ وطن شناسي ۽ پاڻ سڃاڻڻ جي مرحلي مان گذري ته ان سنڌ جا وڏا ماڻهو جويو صاحب، شيخ اياز، جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجو هوندا. علي آڪاش چيو ته جويو صاحب دي ٽيچر آف سنڌ آهي. پليجو صاحب به فخر سان چوندو ھو ته مان جويي صاحب جو شاگرد آھيان.جويو صاحب پنھنجي زندگي غير روايتي استاد طور گذاري، ھو سنڌ جو فڪري استاد ھو. فياض لطيف چيو ته جويو صاحب نه رڳو فردن پر سنڌ جو علمي ۽ ادبي استاد ھو. هن اياز جي ستن ڪتابن جا مھاڳ لکيا، جيڪي اياز جي شاعري، فن ۽ فڪر کي سمجهڻ ۾ تمام گهڻي اهميت رکن ٿا.اياز شناسيءَ ۾ جويي صاحب جو تمام وڏو مقام آهي. ذوالفقار ھاليپوٽي چيو ته جويو صاحب پنھنجي طبيعت ۾ سيڪيولر ھو،ھُو معاملن ۾ اجتماعي ٻڌي کي ترجيح ڏيندو ھو. مختلف اتحادن، ادارن وچ ۾ هم آهنگي جويي صاحب جي ڪري هئي. ڪي ماڻهو سوين ماڻهن جي حصي جو ڪم ڪري ويندا آهن، جويو صاحب اهڙن ماڻهن مان هو. ڊاڪٽرانور فگار هڪڙي چيو ته ابراھيم جويو پنھنجي ذات ۾ هڪ ڪامل استاد ۽ اداري ساز ھو، جويي صاحب جي شخصيت سيلف ڊسيپلين جو اعليٰ نمونو ھئي .نصير مرزا چيو ته جويو صاحب اسان کي سنڌ،ثقافت ۽ پنھنجي ٻوليءَ سان محبت ڪرڻ سيکاري.جويي صاحب کي ننڍپڻ ۾ اسلاميات جو ڪتاب نه کڻي اچڻ تي استاد مار ڏني هئي ۽ جويي صاحب ملائيت ۽ رجعت پسندي خلاف آخري لمحن تائين جنگ جاري رکي ھئي.تاج جويي چيو ته جويي صاحب سنڌ مان فڪري غربت کي ختم ڪيو. هن عالمي ادب مان نهايت اهم ڪتابن جا ترجما ڪيا، جن سنڌ جي شعوري رهنمائي ڪئي. اهڙا ڪتاب ان دور ۾ سرڪاري ادارن ڇپرايا، جيڪي اڄ به نٿا ڇپجن.جامي چانڊيي سيمينار ۾ جويي صاحب جي فڪري سرچشمن تي ڳالهائيندي چيو ته جويو صاحب سنڌ جو فڪري ڪنڀار ھو، جنھن سنڌ کي عقليت پسندي اختيار ڪرڻ جو دڳ ڏنو. هو سڄي ڄمار عقليت پسندي جو ترجمان ھو.جويو صاحب جو خواب ھو ته سنڌي قوم دنيا جي باشعور قوم ٿئي ۽ ان لاءِ هن پنهنجي ڪم توڙي ڪردار کي ڪمٽمينٽ سان ڪتب آندو. هن چيو ته جويي صاحب جا چار فڪري بنياد آهن، جن ۾ سائنسي خيال کان ماديت پسندي، عقليت پسندي، سيڪيولرزم يعني دنيائيت ۽ وطن دوستي، قوم سان عشق يا جديد نيشنلزم شامل آهن. سيمينار ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ اسيمبلي پاران پاس ڪيل بل تي جلد عمل ڪندي، محمد ابراهيم جويو ٽرانسميشن بيورو جو قيام عمل ۾ آندو وڃي ۽ نصاب ۾ جويي صاحب تي سبق پڻ شامل ڪيو وڃي. حيدرآباد جي ڪمشنر کان مطالبو ڪيو ويو ته سٽي گيٽ کان صحافي ڪالوني طرف ويندڙ روڊ جو نالو محمد ابراهيم جويو روڊ رکيو وڃي. سيمينار ۾ شعبي جي استادن ڊاڪٽر نواب ڪاڪا، ڊاڪٽر ريحانه نظير ۽ ٻين پڻ ڳالهايو. جڏهن ته مختلف اديبن، استادن جن ۾ ڊاڪٽر نور شاھ، ڊاڪٽر شازيه پتافي؛ ڊاڪٽر عرفان شيخ، ڊاڪٽر مخمور بخاري؛ شريف شاد سومرو، بشير نوناري، ڊاڪٽر تهمينه مفتي، عين سحر، ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري؛ ڊاڪٽر ذوالفقار قريشي، منير چانڊيو، ڪليم ٻٽ، عاشق بلوچ، ناشاد رضوان ۽ ٻين شرڪت ڪئي.0430

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.