آمريڪي صدر طالبان سان امن ڳالهيون معطل ڪري ڇڏيون

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ افغانستان ۽ طالبان جي اعليٰ قيادت پنهنجي ڳجهي ملاقات رد ڪري ڇڏي.

ڇنڇر جي رات ان حوالي سان اعلان ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هن ڪئمپ ڊيوڊ ۾ اڄ آچر ڏينهن ڌرين سان ڳالهائڻ پئي چاهيو پر طالبان طرفان مسلسل تشدد سبب اها سمٽ رد ڪري ڇڏي آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ڀارت دهشتگردن خلاف ڪا ڪارروائي نه پيو ڪري: ڊونلڊ ٽرمپ

اها اڳڀرائي هن ئي هفتي خميس ڏينهن افغان تخت گاهه ڪابل ۾ هڪ ڪار بم حملي کانپوءِ سامهون آئي آهي، جنهن ۾ هڪ آمريڪي فوجي سميت 12 ڄڻا مارجي ويا هئا.

آمريڪي صدر جي ان قدم زلمي خليل زاد جي اڳواڻي ۾ لڳ ڀڳ گذريل هڪ سال کان قطر ۾ جاري امن ڳالهيون به في الحال معطل ٿي ويون آهن.

You might also like