آفيس ۾ ويهي پنهنجي ڊيسڪ تي لنچ ڪرڻ جا نقصان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڇا اوهان پنهنجي آفيس ۾ روزانو پنهنجي ڊيسڪ تي کاڌو کائيندا آهيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ئي ٻاهر کائڻ  ويندا آهيو؟ ته پوءِ اوهان جي زندگي ۾ بي اطميناني ۽ ناخوشي جو هڪ اهم سبب اهو ئي آهي.

يونيورسٽي آف سسڪيس طرفان ڪيل هڪ تحقيق موجب ملازمن جو روزانو پنهنجي ڊيسڪ تي ويهي لنچ ڪرڻ انهن کي پنهنجي ڪم جي حوالي سان بوريت جو شڪار ڪري ڇڏيندو آهي.

ان جو مطلب اهو نه آهي ته روزانو ڪٿي ٻاهر ، ڪنهن ريسٽورنٽ ۾ وڃي کاڌو وڃي. اصل ۾ ان جو مطلب اهو آهي ته ڪنهن کليل جاءِ، تازي هوا ۾ مثال طور پارڪ يا سمنڊ ڪناري ويهي لنچ ڪرڻ اوهان کي پنهنجي ملازمت سوڌو زندگي جي ٻين معاملن ۾ به مطمئن بڻائي سگھي ٿو.

ان تحقيق لاءِ ماهرن ڪيترين ئي آفيسن جي ملازمن جي کائڻ جي معمول ۽ هنن جي رويي جي جاچ ڪئي. ماهرن ڏٺو ته روز پنهنجي ڊيسڪ تي يا آفيس جي ڪيفي ۾ ويهي کائيندڙ ماڻهن ۾ ذهني تڪرار جي سطح بلند ٿي.

ان جي ابتڙ اهي ماڻهو جن کليل فضا مان مزو وٺندي ماني کاڌي، انهن ۾ خوشي جا جذبا پيدا ٿيا جڏهن ته زندگي جي مختلف معاملن جي حوالي سان هنن جو هاڪاري نقطه  سامهون آيو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته  اهو حقيقت ۾ فطرت سان اسان جي ٽٽل واسطي طرف اشارو آهي جنهن سبب اسان گھڻن مسئلن ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون.

فطرت سان باقاعده واسطو رکڻ، کليل فضا ۾ واڪ ڪرڻ، سمنڊ ڪناري وڃڻ يا جبلن ۽ وڻن جي وچ ۾ وقت گھارڻ اسان کي گھڻن دماغي مسئلن کان بچائي سگهي ٿو جنهن ۾ سرفهرست ڊپريشن کان نجات ۽ خوش حاصل ڪرڻ آهي.

ماهرن جي تجويز آهي ته آفيس ۾ لنچ وقت ملازمن کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيڻ گھرجي. ان سان هنن جي تخليقي صلاحيت ۽ ڪم ڪرڻ جي رفتار ۽ معيار ۾ واڌ ٿيندي.

You might also like