آزادي مارچ: ن ليگ ورهائجي وئي، حتمي فيصلي جو اختيار نواز شريف حوالي

لاهور(م ڊ) جي يو آءِ ف جي حڪومت مخالف آزادي مارچ ۾ شرڪت بابت مسلم ليگ ن جو مشاورتي اجلاس شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو، آزادي مارچ ۾ شرڪت جو فيصلو نواز شريف جي رضامندي سان مشروط ڪيو ويو، ذريعن موجب اجلاس ۾ اڳواڻن جي اڪثريت مولانا فضل الرحمان جي مارچ ۾ شموليت جي حمايت ڪري ڇڏي، اڳواڻن اجلاس ۾ چيو ته موجوده صورتحال ۾ جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان جو ساٿ نه ڏنو ته عوامي ڪاوڙ کي منهن ڏئي سگهجي ٿو، اجلاس ۾ ڪجهه اڳواڻن اهو به چيو ته ن ليگ فضل الرحمان جي غيرآئيني مطالبي جي حمايت نه ڪندي، جڏهن ته اياز صادق پ پ سميت ٻين اپوزيشن پارٽين سان رابطن ۽ ملاقاتن جي حوالي سان آگاهه ڪيو، ن ليگ اپوزيشن جي ٻين پارٽين سان هڪ ڀيرو رابطا تيز ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو آهي، ڪجهه اڳواڻن چيو ته مارچ جو اعلان اي پي سي جي پليٽ فارم جي مشاورت سان نه ڪيو ويو، خود فضل الرحمان جي پارٽي جا متضاد بيان سامهون اچي رهيا آهن، هڪ ڏينهن جي مارچ سان حڪومت وڃڻ واري ناهي، هوڏانهن احسن اقبال چيو ته مولانا کان وقت گهريو هو پر هن پنهنجي ليکي مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.