آرڊيننس ذريعي سي پيڪ اٿارٽي جو قيام، وزيراعظم چيئرمين مقرر

اسلام آباد(م ڊ) سي پيڪ رٿائن ۾ تيزي آڻڻ لاءِ سي پيڪ اٿارٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، صدر مملڪت سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس تي صحيح ڪري ڇڏي، اٿارٽي 10 ميمبرن تي مشتمل هوندي، وزيراعظم اٿارٽي جو چيئرمين  مقرر ڪيو ويو،هو ايگزيڪٽو ڊائريڪٽرن ۽ ميمبرن جي مقرري ڪندو، سندن مقرري چار سالن لاءِ هوندي، اٿارٽي پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مفاهمتي ياداشتن مطابق ڪم ڪندي، سي پيڪ بابت ڪي به تفصيل طلب ڪرڻ جي مجاز هوندي، اٿارٽي وزيراعظم جي منظوري سان وڌيڪ قانون ٺاهڻ جي مجاز هوندي.جڏهن ته اٿارٽي ۽ ان جي عهديدارن جي ڪنهن قدم خلاف قانوني ڪارروائي نه ٿي سگهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.