آرٽيڪل 149 لاڳو ڪيو  ويو ته وفاق جو ڍانچو ڪمزور ٿي ويندو: محمد زبير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ ن ليگ اڳواڻ محمد زبير چيو آهي ته عمران خان ارڙهين ترميم ختم ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن آرٽيڪل 149 لاڳو ڪيو ويو ته وفاق جو ڍانچو ڪمزور ٿي ويندو، ن ليگ قلم 149 جي لاڳو ٿيڻ جي مخالفت ڪندي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد زبير چيو ته پي ٽي آءِ ورهاڱي کانسواءِ ڇا ٿي چاهي؟ اها خطرناڪ راند آهي، پهريون ڀيرو ڪنهن وفاقي حڪومت آرٽيڪل 149 جي ڳالهه ڪئي آهي، ڪراچي مان چونڊيل ايم اين ايز ڪٿي آهن؟

محمد زبير چيو ته ڪراچي ۾ ڪيترن ئي مهينن کان ڪچري تي ويڙهه هلي رهي آهي، چندو وٺي صفائي ڪندڙ به ناڪام ٿي ويو، علي زيدي جي ڪميٽي شهر ۾ مسئلن کي گهٽائڻ بدران ويتر وڌايو.

سنڌ جي اڳوڻي گورنر جو چوڻ هو ته فروغ نسيم آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ جي حيران ڪندڙ ڳالهه ڪئي آهي، ن ليگ گورنر راڄ ۽ آرٽيڪل 149 کانسواءِ ڪراچي ۾ امن بحال ڪيو، ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

ھي به ڏسي سگهو ٿا: بنگلاديش ٺهي ويو، جيڪڏهن ظلم برقرار رهيو ته سنڌو ديش به ٺهي ويندو: بلاول

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته متحده قومي موومينٽ ياد ڏيارڻ ٿو چاهيان ته اهي سدائين چوندا هئا ته انهن جو مينڊينٽ چوري ٿي ويو.

You might also like