آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ وارو بيان حيران ڪندڙ آهي: مريم اورنگزيب  

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ “ن” جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪراچي اختيارن جي معاملي تي قانون وارو وزير پاران آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ وارو بيان حيران ڪندڙ آهي، حڪومت هاڻ ڪراچي اندر به ڌاڙو هڻڻ لڳي آهي.

احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته شاهد خاقان عباسي جي گرفتاري کي 55 ڏينهن جڏهن ته مفتاح اسمائيل کي 37 ڏينهن ٿي ويا پر 55 ڏينهن کان پوءِ به ريفرنس داخل ناهي ٿي سگھيو، احتساب عدالت اندر اڄ به ڪو جواز پيش نه ڪري سگھيا. شاهد خاقان عباسي سستو ايل اين جي ٽرمينل لڳايو ان سبب کيس سزا ميل عمران الحق کي ودستي سبب ايم ڊي لڳائڻ جي الزام تي ريفرنس ٺاهيو پيو وڃي، عمران الحق هڪ پروفيشنل آهي پر جيڪي به لائق ماڻهو آهن اهي هاڻ جيل يا نيب قيد ۾ آهن، جيستائين نالائق، نااهل ۽ سليڪٽڊ حڪومت رهندي اهي سڀ اندر ئي رهندا.

هن چيو ته پاڪستان ۾ نااهلي ۽ نالائقي جو دور آهي، تبديلي جا دعويدار چون ٿا ته ماني نه تبديلي کائو، هڪ سال ۾ ترقي جي شرح اڌ ۽ مهانگائيءَ 13 سيڪڙو ٿي وئي، ڪاروباري طبقي کي ڇوٽ ڏني ويندي آهي ۽ ايٿنول جي مد ۾ هر سال 4 ارب رپيا معاف ڪيا ويا.

هي به پڙهي سگھو ٿا: شاهد خاقان عباسي قوم کان معافي گھري ورتي

“ن” ليگ اڳواڻ چيو ته اسان جو ڏوهه اهو آهي ته اسان عوام جي خدمت ڪئي، ننڍي ذهنيت جي وزيراعظم حمزا شهباز جو کاڌو بند ڪري ڇڏيو، اسان جي بدقسمتي آهي جو اسان جو مخالف ڪم ظرف آهي، وزيراعظم جو ويزن آهي ته نواز شريف جي اي سي بند ڪنداسي، نواز شريف جو مقصد پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني آهي، انهن سازشن سان نواز شريف وڌيڪ مضبوط ٿيندو،  مسلم ليگ ن عوام جي حقن جي ويڙهه وڙهي رهي آهي.

ڪراچي کي وفاق جي ماتحت ڪرڻ بابت خبرن تي مريم اورنگزيب چيو ته ڪراچي اختيارن جي معاملي تي قانون وارو وزير پاران آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ وارو بيان حيران ڪندڙ آهي، حڪومت هاڻ ڪراچي اندر به ڌاڙو هڻڻ لڳي آهي.

You might also like