آرمي چيف جو آرمي ميڊيڪل سينٽر جو دورو….!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف  جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سِر بچائڻ ۾ آرمي ميڊيڪل سينٽر ايبٽ آباد جو اهم ڪردار آهي. معياري صحت جي لاءِ اي ايم سي ڊاڪٽرن جون خدمتون فخر جوڳيون آهن.

تفصيل موجب پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه آرمي ميڊيڪل سينٽر ايبٽ آباد جو دورو ڪيو. آرمي چيف ليفٽيننٽ جنرل خاور رحمان کي ڪرنل ڪمانڊنٽ اي ايم سي جو بيج لڳايو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:آرمي چيف ميڊيا جا ٿورا مڃي ڇڏيا….!

ان موقعي تي ريٽائرڊ ٿيل ڪرنل ڪمانڊنٽ ليفٽيننٽ جنرل زاهد حامد ريٽائرڊ، حاضر سروس آفيسرن ۽ جوانن تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

آرمي چيف آرمي ميڊيڪل ڪور جي آفيسرن ۽ جوانن سان ڳالهيون به ڪيون، هنن ڊاڪٽرن ۽ عملي جي سويلينز ۽ فوجي جوانن جي لاءِ طبي خدمتن کي ساراهيو. جنرل قمر جاويد باجوه يادگار شهدا تي گلن جي چار چاڙهي ۽ فاتح خواني به ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب ان موقعي تي آرمي چيف جو چوڻ هو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سِر بچائڻ ۾ اي ايم سي جو اهم ڪردار آهي. معياري صحت جي لاءِ اي ايم سي ڊاڪٽرن جو خدمتون فخر جوڳيون آهن.

هن وڌيڪ چيو ته آرمي ميڊيڪل ڪور پاڪ فوج ۽ ٻين اهم شهرين کي بهترين سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي.

ان کان اڳ آرمي چيف سنڌ جي نوجوانن جي نمائنده وفد سان ڳالهيون ڪندي چوڻ هو ته پاڪستان جو مستقبل نوجوانن جي هٿن ۾ آهي، توهان کي پاڪستان جي قيادت جي لاءِ ترجيحون طئي ڪرڻيون آهن.

هن چيو هو ته جيڪڏهن اسان پاڻ کي ايمانداري سان ڏسنداسين ته ڪير به مدد نه ڪندو. پاڪستان جو مستقبل جمهوريت سان سلهاڙيل آهي، پاڪستان دنيا ۾ پنهنجو مقام  حاصل ڪندو.

 

You might also like