ميهڙ: سيد پور شاخ جي آبادگارن پاران زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
ميهڙ: سيد پور شاخ جي آبادگارن پاران زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽ ميهڙ: سيد پور شاخ جي آبادگارن پاران زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج

 

ميهڙ ڀرسان سيد پور شاخ جي آبادگارن پاران زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ آبپاشي عملدارن جي ناانصافين خلاف احتجاج ڪيو ويو.

آبادگارن نجم الدين، محمد هاشم چانڊيون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي هنن چيو ته ڌامراهه واهه مان نڪرندڙ سيدپور شاخ ۾ گذريل 6 مهينن کان پاڻي نه پهچڻ سبب آبادگار ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن….آبپاشي عملدارن

هنن الزام هڻندي چيو ته ايس ڊي او آبپاشي في جريب پاڻي ڏيڻ لاءِ 10 هزار رپيا رشوت پيو گهري جيڪا نه ڏيڻ جي صورت ۾ کين پريشان ڪري رهيو آهي.

سندن چوڻ هو ته لڳاتار زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف چونڊيل نمائندن ۽ اختيارين کي شڪايت ڪئي آهي پر ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي.

آبادگارن آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي کين زرعي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

You might also like